جاکپاري ڍنڍ

جاکپاري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ ۾ ڳوٺ جاکپاريءَ ويجهو واقع آهي. ڪيتري وقت کان ڍنڍ پاڻي نه هئڻ سبب سوڪهڙي جو شڪار آهي. ڍنڍ جي اوج وارن ڏينهن ۾ هتي هر قسم جا پکي ايندا هئا ۽ مڇين جا به ڪيترائي قسم موجود هوندا هئا. ان کان سواءِ ڪُم، ڪوڻيون، بِهه، لوڙهه توڙي پن ۽ گاهه وغيره به هن ڍنڍ ۾ گهڻو هوندو هو، جنهن مان تونريون، تڏا، مصلا ۽ ٻيو سامان ٺاهيو ويندو هو. ڍنڍ مڪمل طور سڪي وڃڻ کان پوءِ هتان وڏي مقدار ۾ لوڻ ڪڍيو ويندو آهي.



لفظ جاکپاري ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو